پ پ اڳواڻن جي سرپئنچي ۾ زيادتي ڪوشش جو جرڳو، 3 لک ڏنڊ

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد ۾ 40 ڏينهن اڳ اسڪول ويندي مئٽرڪ جي شاگردياڻي ز لاشاري سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ واري معاملي جو فيصلو پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري ۽ صابر جکراڻي جي سرپئنچي هيٺ عبدالله شاهه ٽائون ۾ ڪيو ويو فيصلي ۾ شاگردياڻي جو والد محمد علي لاشاري ۽ جوابدار زاهد جکراڻي جا وارث پيش ٿيا سرپئنچ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ڳالهين ۾ جوابدار زاهد جکراڻي مٿان شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ ثابت ٿي جنهن تي سرپئنچ پاران جوابدر ڌر مٿان 3 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي جوابدار ڌر اڄ متاثره شاگردياڻي جي گهر ميڙ کڻي  وڃي تڏو بخشرائيندو جنهن کانپوءِ شاگردياڻي جو والد جوابدار کي 3 لک روپيا معاف ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.