اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ريپبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ تاريخي واپسي تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته اميد آهي ته نئين آمريڪي انتظاميه امن کي ترجيح ڏيندي ۽ سڄي دنيا ۾ جاري تڪرار ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ کي اهو مينڊيٽ جنگ جي مخالفت سبب مليو. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هو نئين آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. مريم نواز به مبارڪ ڏني آهي. هن چيو ته آمريڪا سان لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيندو .