ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ لاءِ سوا 23 ڪروڙ منظور، ٽيسٽ نصاب مان ورتي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽ: ذولفقار راڄپر) سنڌ حڪومت صوبي جي خراب روڊن جي تعمير لاءِ 6 ارب 63 ڪروڙ رپيا رکڻ، ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ لاءِ آءِ بي اي سکر کي 232.14 ملين رپيا جاري ڪرڻ ۽ سنڌ جاب پورٽل جي بحالي لاءِ 232.14 ملين رپيا منظور ڪرڻ ۽ ڪراچي فريئر هال ۾ ادبي ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ 40 لک رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهڙي طرح خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ فيڪلٽي ميمبرن جي ڪانٽريڪٽ جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏيڻ ۽ ڄامشورو اليڪٽرڪچر پروگرام لاءِ 68.043 ملين رپيا رکڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 تحت سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي اها ڪائونسل سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميمبرن تي ٻڌل هوندي. اهي فيصلا ڪالهه وزيراعلي هائوس۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ ڪيا ويا، اجلاس ۾ وڏي وزير ته آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ پاران ڇهن مهينن اندر اي-اسٽيمپنگ لاڳو ڪرڻ جي هدايت سميت خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ فيڪلٽي ميمبرن جي ڪانٽريڪٽ جي مدي ۾ واڌ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا آءِ بي اي سکر پاران ايم ڊي ڪيٽ امتحان ٻيهر ڪرڻ لاءِ 232.14 ملين رپين جي منظوري ڏني جيڪا ايندڙ 6 هفتن ۾ ٿيندي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي سان گڏجي ويجيلنس ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن، هن سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کي هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مستقبل ۾ امتحاني بورڊ ايم ڊي ڪيٽ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ نتيجن جو اعلان ڪن، جيئن عدالت جو حڪم آهي. وڏي وزير چيو ته عدالتي حڪم موجب امتحان صوبي ۾ اڳ ئي سيکاريل نصاب جي بنياد تي ورتو ويندو، هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي سهڪار سان تبديل ٿيل MDCAT-24 جي بهتري کي يقيني بڻايو وڃي، وڏي وزير تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب تباهه ٿيل 8 روڊن جي بحاليءَ لاءِ 6.63 ارب رپين جي منظوري ڏني، انهن روڊن ۾ 3 ڪلوميٽر جوهي کان ڇني روڊ، 5 ڪلوميٽر جوهي روڊ، واهي پانڌي کان گولو فقير روڊ، 9 ڪلوميٽر بيد کان ميان نصير محمد ڪلهوڙو روڊ (ضلع دادو )، 27 ڪلوميٽر چمبڙ کان ميرواهه ويندي سنجر چانگ روڊ، 17.6 ڪلوميٽر ٽنڊوالهيار روڊ، ٽنڊو آدم- شهدادپور روڊ، 51 ڪلوميٽر جھرڪ ملاڪاتيار روڊ کان نوري آباد جھمپير فلائي اوور برج، ٽي ڪلوميٽر سجاول سٽي ڪيريج وي ۽ سانگهڙ چوٽياري روڊ سميت چوٽياري ڊيم اپروچ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.