چينين جي حفاظت پهرين ترجيح، وزيراعظم جي چيني سفير کي خاطري

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جو دورو ڪري چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات  ڪئي، ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ هئا، وزيراعظم چيني سفير کي ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ چيني شهرين جي فائرنگ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪرڻ ۽ زخمي چيني شهرين جي عيادت لاءِ آيو آهي، وزيراعظم چيني سفير کي يقين ڏياريو ته واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ هو ذاتي طور تي جاچ عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي.هن چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين تي اهڙن بزدلاڻن حملن سان ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن کي نقصان پهتو آهي، ان موقعي تي چيني سفير وزيراعظم جو سفارتخاني اچڻ تي ٿورو مڃيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.