صدر ٽرمپ عالمي امن، انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ ڪم ڪندو\عمران خان

اسلام آباد(ع آ نيوز) صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي تي عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو ته صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن لاءِ تمام سٺو ثابت ٿيندو ۽ اهو گڏيل احترام ۽ انساني حقن تي ٻڌل هوندو. ” "اسان کي اميد آهي ته هو بين الاقوامي امن، انساني حقن ۽ جمهوريت لاء ڪم ڪندو. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري به پي ٽي آءِ جي باني طرفان ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ زلفي بخاري چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جي ڊي وينس کي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هي عظيم فتح وڏين مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏيندي حاصل ڪئي، اها ڪاميابي حقيقي تبديلي ۽ معاشي استحڪام جو واضح سڏ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.