اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سينيئر پاڪستاني سياستدان مشاهد حسين سيد جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ 60 سالن ۾ جان ايف ڪينيڊي کانپوءِ پهريون صدر آهي جيڪو جو بائيڊن ۽ ڪملا هيرس وانگر آمريڪا جي ڊيپ اسٽيٽ اسٽيبلشمينٽ جو حصو ناهي. مشاهد حسين سيد چيو ته يوڪرين ۾ جنگ جو خاتمو، نيتن ياهو جهڙي فاشسٽ کي لغام ڏيڻ، اقتصادي سطح تي تعاون وڌائڻ ۽ نيٽو کي وڌائڻ جون جيڪي ڳالهيون هيون ان کي روڪڻ اهو سڀ ڪجهه ٽرمپ ڪندو، مشاهد حسين سيد چيو ته ٽرمپ امن جو اميدوار آهي. هي هڪ غير روايتي صدر آهي.هن وڌيڪ چيو ته هي اهو ماڻهو ناهي جيڪو هر هنڌ وچ ۾ اچي، هر هنڌ فوج موڪلي رهيو آهي، جو بائيڊن ڪري رهيو هو. پر ٽرمپ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ ميڊيا تمام گهڻو ڪوڙ ڳالهائي ٿو.هن چيو ته ڪملا هيرس مڪمل فراڊ هئي، هوءَ ڀارتي لابي جو ماڻهو هئي، کيس ٺاهيو ويو هو ، سندس پنهنجي ڪا به حيثيت نه هئي. هن وڌيڪ چيو ته جو بائيڊن جي خلاف ”نرم بغاوت“ هئي، ڪلنٽن، اوباما ۽ نينسي پيلوسي سان گڏ بائيڊن کي هٽايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڪملا هيرس کي مقرر ڪيو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ مشاهد حسين سيد چيو ته مون کي يقين آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي دوست عمران خان لاءِ آواز ضرور اٿاريندو.