اتر سنڌ ۾ رياستي رٽ غائب، هٿياربندن جي ڏينهن ڏٺي ڦرلٽ، صالح پٽ واسي اغوا

ڪنڌڪوٽ/ صالح پٽ /بخشاپور(رپورٽ: ممتاز سنڌي/سجاد حسين+ زاهد بڊاڻي) ڪنڌڪوٽ ويجهو انڊس ھاءِ وي تي ھٿياربند ڏينهن ڏٺي جو ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦر ڪري ھندو نيانيڻ کي يرغمال  بڻائي صالح پٽ واسي نوجوان وڪرم ڪمار کي اغوا ڪري ويا. بخشاپورٿاڻي جي حد ۾ صبح جو ھٿياربندن جي ٽولن ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦرلٽ ڪئي. هٿياربندن ڏياري جي ميلي تي بڊاڻي آيل صالح پٽ نوجوان وڪرم ڪمار کي  وين مان لاهي اغوا ڪري کڻي ويا هٿيار بند آساني سان ڪچي طرف فرار ٿي ويا صالح پٽ واسي ھندو نياڻين سان گڏ ڪار سوار ڪٽنب بڊاڻي گردواھ صاحب ۾ ڏياري جي موقعي تي رکيل پروگرام ۾ شامل ٿي واپس وڃي رهيو هو. هٿياربندن  ٻن نياڻين نڪيتا ڪماري، انمول ڪماري سندس والد لڇمڻ داس،  نوجوان وڪرم ڪمار کي روڪي يرغمال بڻائي ھزارين روپيا روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪئي ۽ وڪرم ڪمار کي اغوا ڪري ويا. ھندو نوجوان جي اغوا ۽ ڦرلٽ ٿيڻ واري واقعي خلاف مسافرن ۽ مقامي ماڻھن انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.  روڊ بلاڪ ھجڻ ڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. اي ايس پي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڏوھارين خلاف ڪاروائي ۽ نوجوان وڪرم ڪمار کي جلد بازياب ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو.

  1. هٿياربندن بابا تي هٿيار سڌا ڪيا: نيڪيتا ٻائي

ڪنڌڪوٽ/ صالح پٽ /بخشاپور: صالح پٽ واسي نوجوان وڪرم داس بڊاڻي شھر لڳ راڻو اسٽاپ وٽان گاڏي مان لاھي کين اغوا ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي نياڻي نيڪيتا ٻائي ٻڌايو ته اسان پنهنجي بابا سائين سان گڏ بڊاڻي شھر ۾ ڪيرتن ڪرڻ وياسين ته اسان صبح جو واپسي پنهنجي شھر صالح پٽ اچي رھيا ھئاسين ته اٺن ھٿياربندن اسان جي گاڏيءَ کي روڪيو ۽ اسان جي بابا سائين تي ھٿيار سڌا ڪيا ته مان ۽ منھنجي ڀيڻ بابا سائين کي سيني سان چنبڙي ويون سين ۽ اسان روئيندي کين واسطا ڏينداسين ته اسان جي  بابا سائين کي خدا جي واسطي ڇڏيو ته انھن ھٿياربندن بابا سائين کي ڇڏي اسان جي ڀاءُ وڪرم کي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ اسان کان ڦر به ڪري ويا نياڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي زارو قطار روئيندي رھي نياڻي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان پوليس کي ڪال به ڪئي پر پوليس اسان جي ڪال اٽينڊ ڪري ڪٽي ڇڏي .

  1. واقعي کان پوءِ ڪيترن ڪندڙ نياڻين ۾ خوف، نيڪيتا ڪماري بيمار ٿي وئي

ڪنڌڪوٽ: ھٿياربندن ھٿان يرغمال ٿيڻ بعد گردواھ صاحب ڪنڌڪوٽ ۾ پھتل ڪيرتن ڪندڙ نياڻيون خوف ۾ وٺجي ويون. خوف ۽ صدمي سبب نياڻي نڪيتا ڪماري کي بخار اچي ويو.

  1. نياڻين جي دانهن واري وڊيو پکڙجي وئي

ڪنڌڪوٽ: نياڻين جي آھن، دانھن، ڪوڪن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ھر ھڪ فرد پاران مختلف لفظن سان نياڻين جو ساٿ ڏنو ويو، پوليس ۽ حڪومت مٿان تنقيد ڪئي وئي

  1. تحفظ نه ٿا ڏئي سگهو ته نيڪالي ڏيو: شهري اتحاد جو صدر

ڪنڌڪوٽ: شھري اتحاد صدر ڊاڪٽر ميھر چند ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جيڪڏهن اقليتي برادري کي تحفظ نه ٿا ڏيئي  سگھو ته ملڪ مان نيڪالي ڏياري وڃي اسين ھليا وينداسين، ھتي اسانجون عزتون محفوظ نه آهن. ڪجهه لوفرن جي آزار ۾ سڄو ضلعو آهي ڏوھاري جنهن وقت چاھين ٿا واردات ڪري ھليا وڃن ٿا. ايس يو پي اڳواڻ دلمراد ڏاھاڻي روئيندي چيو ته اسان به ٻچڙن وارا آهيون. نياڻين جي دانھون، ڪوڪون ٻڌي دل به روئي پئي. اسين اقليتي برادري سان ھر موڙ تي سندس گڏ آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.