آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ميبلرن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.
ميلبرن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان ٽيم 46.4 اوورن ۾ 203 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان محمد رضوان 44، نسيم شاهه 40، بابر اعظم 37، شاهين آفريدي 24، عرفان نيازي 22 رنسن سان اڳڀرا رهيا، عبدالله شفيق 12، صائم ايوب هڪ، ڪامران غلام 5، سلمان آغا 12، محمد حسنين 2 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته حارث رئوف کاتو ئي نه کوليو.
آسٽريليا جي مچل اسٽارڪ 3، پيٽ ڪمنز ۽ ايڊم زمپا 2-2، جڏهن ته سين ايبٽ ۽ لبوشين هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم گهربل هدف دلچسپ مقابلي کانپوءِ 33.3 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
جوش انگلس 49، اسٽيون سمٿ 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪپتان پيٽ ڪمنز 32 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، شاهين آفريدي 2، نسيم شاهه ۽ محمد حسنين هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.