ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو آهي ته مستونگ واقعو دهشت گردي آهي، اهڙا واقعا برداشت جوڳا ناهن. پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته بلوچستان جي وسيلن تي دنيا جون نظرون آهن. بلوچستان دهشت گردن جي آماج گاهه بڻجي ويو آهي. هن چيو ته حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ويهي امن امان بحال ڪرائڻ گهرجي.