نصير آباد مان کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر جي آزادي لاءِ احتجاجي ڌرڻو

نصيرآباد ( ن ع آ ) نصيرآباد ۾ پنج ڏينهن به ڊاڪٽر نويد عرف ساگر ڪانڌڙو   کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ  نصيرآباد پاران نوناري محلي کان مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن پلي ڪارڊ بينر کڻي ڊاڪٽر نويد عرف ساگر ڪانڌڙو جي پيرسن امڙ غلام صغران جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪڍي مظاهرو ۾  عورتون بارڙا  شامل ٿي ويا مظاهرو نصيرآباد شھر جي مختلف چوڪن کان گاجي کھاوڙ روڊ وارھ روڊ ميھڙ روڊ کان ٿيندو مظاهرو جڏھن نصيرآباد ٿاڻي جي مين  گيٽ وٽ پھتو ته مچريل ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي آزاد ڪيو آزاد ڪيو ڊاڪٽر نويد  کي آزاد ڪيو جو نعرا ھڻي  در وٽ ڌرڻو ھڻي ويھي   رھيا  ان موقعي تي  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي آرگنائيزر فقير علي گل ڪانڌڙو  اڳواڻ   نويد ساگر ڪانڌڙو جي بيمار پيرسن امڙ غلام صغرا ڪانڌڙو پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ ڪامريڊ ابراھيم چانڊيو جساف اڳواڻ اطھر  لاشاري نوجوان اتحاد نصيرآباد جي اڳواڻ مبين منگي ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اڳواڻ کنڀي گم ڪيل نويد ساگر جي ڀاءُ فقير علي گل ڪانڌڙي چيو ته هن دور ۾ ڪو به قومي ڪارڪن محفوظ ناهي، نويد ساگر ڪانڌڙو کي پيپلن جي چُرچ تي ڳجهن ادارن کنڀيو آهي، اعلي عدليه کي گذارش آهي ته هو نوٽيس وٺي ۽ نويد ساگر ڪانڌڙو کي بازياب ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.