بدين ۾ ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان منع ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي گرفتار

بدين (عوامي آواز نيوز )  بدين ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان روڪڻ تي ليڊي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب  واقعو بدين باءِ پاس روڊ تي ڪلينڪ وٽ پيش آيو، جتي ليڊي ڊاڪٽر پوليو ٽيم کي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان روڪي ڇڏيو هو، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ليڊي ڊاڪٽر پوليو ٽيم سان بدتميزي ڪئي ۽ کيس زبردستي ڪلينڪ مان ڪڍي ڇڏيو. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته پوليو ٽيم جي شڪايت تي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ليڊي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي .

  1. لاهور ۾ گهريلو ملازم نينگري تي تشدد، مٿي جا وار ڪوڙيا ويا

لاهور(م ڊ) لاهور جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ گهر جو ڪم صحيح نموني نه ڪرڻ جي الزام هيٺ گهر مالڪ ۽ مالڪياڻي پاران ملازم  نينگري کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پنهنجي وڊيو بيان ۾ متاثر عورت الزام لڳايو ته وحشياڻي تشدد بعد سندس مٿي جا وار به ڪوڙيا ويا، نينگري جي گهرڀاتين موجب تشدد سبب ڇوڪري جا هٿ، اکيون ۽ ڪن متاثر ٿيا، جڏهن ته مٿي تي تشدد جا نشان پڻ ٿيا آهن، نينگري فيصل آباد جي رهواسڻ آهي، سندس وارثن تشدد خلاف پوليس ٿاڻي ڊفينس سي ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

  1. ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي اسپيني بادشاهه ۽ راڻي تي ڪچرو اڇلايو ويو قاتل قاتل جا نعرا

ويلنسيا(م ڊ) اسپين جو بادشاهه فيليپ ۽ راڻي لتيزيا ويلنسيا شهر ۾ ٻوڏ متاثر علائقي پائيپورٽا جي دورو تي پهتا ته مقامي ماڻهن جي احتجاج سبب ڏچي ۾ پئجي ويا، دوري دوران مقامي ماڻهن بادشاهه ۽ راڻي کي ڏسندي ئي احتجاج شروع ڪري ڏنو ۽ مٿن ڪچرو اڇلائڻ شروع ڪري ڏنو، ان دوران سيڪيورٽي اهلڪار ڇٽين جي مدد سان بادشاهه ۽ راڻي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جڏهن ته مقامي ماڻهو بادشاهه کي ڏسندي ئي ”قاتل، قاتل“ جا نعرا هڻندا رهيا، پرڏيهي خابرو اداري طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ بادشاهه فيليپ کي ڪجهه ماڻهن سان ڳالهائيندي ڏٺو وڃي ٿو جيڪي بادشاهه کي ٻڌائي رهيا آهن ته صورتحال جي اڳ ۾ ئي ڄاڻ هئي پر ڪنهن به ڪجهه نه ڪيو، بادشاهه جي دوري دوران مقامي ماڻهو ’واپس وڃو واپس وڃو ‘ جا نعرا هڻندا رهيا، واضح رهي ته اسپين ۾ 4 ڏينهن اڳ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 214 ٿي ويو آهي.

  1. ڪراچي ۾ فائرنگ ڪري ناري کي زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سي ويو ۾ ڪار ۾ فائرنگ ڪري ناري کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي حراست ۾ ورتو  ويو آهي.ڪراچي ۾ سي وي تي فائرنگ سبب هڪ ڇوڪري زخمي ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن تي پوليس هڪ شخص کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪار جي اندر فائرنگ سبب ناري زخمي ٿي، پستول عمر نالي ڇوڪري جو آهي، جنهن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڇوڪري ۽ ڇوڪرو دوست آهن، هٿيار ۽ گاڏي تحويل ۾ ورتي وئي آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڇوڪري ۽ ڇوڪرو دوست آهن، هٿيار ۽ گاڏي تحويل ۾ ورتي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.