ٻه ڪروڙ ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو، اغوا ڪندڙ پشتو ۾ ڳالهائن پيا\انتظار حسين پنجوٿا

اسلام آباد (بيورورپورٽ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان جي قانوني ٽيم جو گم ٿيل ميمبر انتظار پنجوٿا حسن ابدال مان بازياب ٿي ويو آهي. حسن ابدال پوليس اسٽيشن صدر جي محرر طارق عزيز بي بي سي اردو کي تصديق ڪئي آهي ته انتظار پنجوٿا کي بازياب ڪرايو ويو آهي. انتظار پنجوٿا جي ڀاءُ نعيم حيدر پنجوٿا پڻ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته ” انتظار سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي“.  ‘سوشل ميڊيا تي انتظار پنجوٿا جون وڊيوز به شيئر ڪيون پيون وڃن، جن مان هڪ ۾ هو گاڏي ۾ ويٺل نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ٻي وڊيو ۾ هو پوليس  اسٽيشن ۾ ويٺو آهي. ٻئي طرف اٽڪ پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اٽڪ پوليس حسن ابدال ۾ هڪ شڪي گاڏي کي روڪيو ته ان ۾ سوار مغوين پوليس تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. ترجمان جي بيان موجب اغوا ڪندڙ يرغمال ۽ گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا،  ۽ پوليس  انتظار پنجوٿا کي حراست ۾ ورتو آهي . انتظار حسين پنجوٿا بازياب ٿيڻ  کان پوءِ سوشل ميڊيا تي بيان وائرل ٿيو، جنهن ۾ هن  چيو آهي ته کيس 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو. صحتيابيءَ کانپوءِ پنهنجي شروعاتي بيان ۾ هن چيو ته 8 آڪٽوبر تي اسلام آباد مان کنڀيو ويو، مون کي ڏاڍو ماريو ويو، اغوا ڪندڙ پشتو ۾ ڳالهائي رهيا هئا، تنهن ڪري سمجهي نه سگهيس ته هو ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اغوا ڪندڙن مون کي 8 آڪٽوبر تي پڪڙيو هو. ٽي چار ڪلاڪ سفر ڪيو.حسن ابدال ٿاڻي ۾ انتظار پنجوٿا جي اغواڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس سي ٽي ڊي اهلڪار آصف اقبال جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. پهرين نومبر تي اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خاطري ڪرائي هئي ته انتظار پنجوٿا کي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرايو ويندو.

  1. انتظار پنجوٿا کي اغوا ڪرڻ جو ايجنسين تي شڪ ؟

اسلام آباد (عمر چيما) انتظار پنجوٿا جي بازيابي بابت هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ۽ اٽڪ پوليس کين بازياب ڪرايو ۽ پوليس اسلام آباد پوليس کيس وٺي وئي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. انتظار پنجوٿا جي بازيابي ان وقت ٿي جڏهن کيس 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي ۽ ائين ئي ٿيو. اهو اڃا واضح ناهي ته انتظار پنجوٿا کان هو جيڪو ڀنگ گهري رهيا هئا اهي ادا ڪيا ويا نه ادا ڪيا ويا ۽ کيس ڪيڏانهن منتقل ڪيو پئي ويو. انتظار پنجوٿا کي شريف ماڻهو سمجهيو ويندو آهي. ائين نٿو لڳي ته پي ٽي آءِ طرفان کيس اغوا ڪرايو ويو هو. اغواڪار ايجنسي جا ماڻهو نه لڳي رهيا هئا، ظاهر آهي ته هو پنهنجو ڪارڊ اچي نه ڏيکاريندا ۽ ايجنسي جا ماڻهو جيڪڏهن چاهين ته مٿن شڪ نه پوي ته هو اهڙي قسم جا ماڻهو موڪلي سگهن ٿا. حامد مير تي حملو ڪندڙ ماڻهو به ٿي سگهي ٿو ايجنسي جا پنهنجا ماڻهو نه هجن. ايجنسي جا ماڻهو مونجهارا پيدا ڪندا آهن. جيتوڻيڪ ڪو ثبوت ناهي ته انتظار پنجوٿا کي ايجنسين طرفان اغوا ڪيو ويو هو پر هڪ شڪ آهي ته اهو ڪم ايجنسين ڪيو آهي. اهڙو ڪم شرمناڪ آهي، ايجنسين جي حوالي سان قانون ٺهڻ گهرجي، قانون ٺاهڻ جو ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي.

  1. انتظار پنجوٿا جو واقعو ٻڌائي ٿو ته اسان غلام آهيون: سلمان راجا

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا هڪ بيان ۾ چيو آهي ته انتظار حسين پنجوٿا ايڊووڪيٽ عمران خان جي قانوني ٽيم جو اهم ميمبر آهي، کيس اڄ چار هفتا اڳ اغوا ڪيو ويو هو .  جنهن حالت ۽ ڊرامي ۾ کين بازياب ڪرايو ويو، اهو شرمناڪ آهي.  هي واقعو اسان سڀني کي ٻڌائي ٿو ته اسين هن ملڪ جا غلام آهيون ۽ اسان جي جان  سان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو . هن چيو ته حقيقت اها آهي ته هنن چئن هفتن دوران ڪنهن به سندس گهرڀاتين کان هڪ رپيو به ڀنگ ناهي گهريو، هي سڀ ڪوڙ تي ٻڌل ڪهاڻي آهي، توهان ۽ مون کي خبر آهي ته اصل اغوا ڪندڙ ڪير آهن، هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اغوا ڪندڙ ڪير آهن. سڀاڻي توهان کي اغوا ڪيو ويندو، ٻئي ڏينهن مون کي اغوا ڪيو ويندو، ان کان پوءِ اسان کي ساڳي بيوسي جي حالت ۾ ملنداسين.

  1. انتظار پنجوٿا جي وڊيو ڏسي اکين مان ڳوڙها وهي آيا: جاويد هاشمي

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي وڪيل انتظار حسين پنجوٺا جي اغوا ۽ رات دير سان ڊرامائي واپسي تي سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن  چيو ته انتظار حسين پنجوٺو جي وڊيو ڏسي اکين مان ڳوڙها وهڻ کي ڪيئن روڪيان؟ اسان جي فوج هاڻي سياست ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عاصم منير کي ان واقعي کان آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته هو رياست جي نظر ۾ دهشتگرد آهن. رياستي جبري گمشدگين کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ دهشتگردي ايڪٽ ۾ نئين ترميم آڻي وئي آهي، هي جيڪي نامعلوم آهن اهي سڀ اسان کي معلوم آهن.

  1. انتظار پنجوٿا جي بازيابي ڊرامو ؟

اسلام آباد (فخر دراني) پي ٽي آءِ اڳواڻ انتظار پنجوٿا جي بازيابي عمل ۾ آئي ته پوليس ٻڌايو ته ناڪي تي گاڏي کي روڪيو  ويو هو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي ۽ اغواڪار گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا. ناڪي وٽ مقرر اهلڪارن کي هٿيار ناهن ڏنا ويندا ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ڪيئن ٿي اهو پوليس کي ٻڌائڻو پوندو. اهو به ڏسڻو پوندو ته جيڪڏهن ناڪو روز لڳايو ويندو آهي ته پوءِ معمول جي ڳالهه آهي پر ناڪو ان ڏينهن لڳايو ويو هو ته اهو معاملو شڪي هوندو. پوليس هن وقت تائين اغواڪارن جي ڇڏيل گاڏي جا تفصيل به سامهون ناهن ته ان جي رجسٽريشن ڪنهن جي نالي سان آهي. پوليس طرفان اطمينان جوڳو جواب نه اچڻ تي سمجهي سگهبو ته اهو ڊرامو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.