صوبو وفاق کان پي آءِ اي خريد ڪري اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) عوام پاڪستان جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته صوبا هڪ رپيو به ٽيڪس گڏ نٿا ڪن، وفاق کان پيسا وٺندا آهن، صوبو وفاق کان پي آءِ اي خريد ڪري، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته مون کي خبر ناهي ته ڪنهن صوبي ۾ ايئر لائن هجي، صوبي جو ڪم تعليم، صحت، امن امان ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.هن چيو ته صوبا هڪ رپيو به ٽيڪس گڏ نٿا ڪن، وفاق کان پئسا وٺن ٿا، صوبو وفاق کان پي آءِ اي خريد ڪري،  اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، هي سياسي معاملا آهن.مفتاح اسماعيل چيو ته شرطون لڳايون ويون جنهن سبب خريدار نه آيا، چار سنجيده گروپ هئا جيڪي پي آءِ اي جي ٻولي ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا. هن چيو ته دنيا ۾ ڪا به حڪومت ايئر لائن ناهي هلائيندي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.