نندو ۾ زميني تڪرار تان جوابدار فائرنگ ڪري چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، 2 ڄڻا زخمي

بدين/نندو (نمائندن وٽان ) نندي شھر ۾ گذريل ڏينهن جوابدار ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جوابدار سڪندر عرف پپو ميمڻ پسٽل جا فائر ڪري  ڪلينڪ تي ويٺل ڊاڪٽر عابد ميمڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار مقتول جي ڀاءُ حيدر علي ميمڻ ۽ شير باد ميمڻ کي به گهر ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر عابد ميمڻ کي گوليون ھڻي قتل ڪندڙ جوابدارسڪندر علي عرف پپو ميمڻ  نندو ٿاڻي تي پيش ٿي ڏوھه جو اعتراف ڪري گرفتاري ڏيئي ڇڏي آھي،  جڏھن ته ٻن زخمين جو انڊس اسپتال بدين ۾ علاج ھلندڙ آھي،  ٻڌايو پيو وحي ته ڊاڪٽر عابد ميمڻ ۽ سندن ڀائيٽن ۾ زرعي زمين تان تڪرار ڪافي وقت کان ھلندڙ ھو، جنهن تان جوابدار فائرنگ ڪري هڪ چاچي کي قتل ڪيو ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.