سنڌو کسڻ جي سازش ۾ پ پ شريڪ آهي، ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: قادر مگسي

ڪراچي اوڀر(رپورٽ: شفقت نوناري ) ڪراچي غازي ڳوٺ ۾ ايس ٽي پي ڪراچي ڊويزن طرفان يوم شھداء واري جلسي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تـ قومون جڏھن پنھنجي حقن کان محروم ھجن تـ ماڻھو پنھنجي حقن لاء اٿندا آھن پنھنجون جانيون قربان ڪندا آھن تڏھن پنھنجا حق وٺي سگھندا آھن جن سنڌ جي خاطر شھادتون ڏنيون اسان مٿان فرض آھي تـ انھن شھيدن کي ياد ڪريون. ايس ٽي پي ھر قسم جي غلامي جي خلاف آھي اھا غلامي ڪنھن مير پير ڀوتار سميت ھر غلامي جي خلاف آھي. هن چيو ته عوام جي زندگي تنگ ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو.  پيپلز پارٽي سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪئي آھي اھا عوام جي سامھون آھي، روڊ رستا ٽٽل آھن. اسين پنج ھزار سال شاھوڪار تاريخ رکندڙ قوم آھيون اسان اڃان تائين غلامي ۾ جڪڙيل آھيون ان غلامي مان نـ نڪري سگھيا آھيون سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا سڄي غير رسمي سياست ۽ رياست جي گيم آھي سنڌ کي بگھڙن حوالي ڪيو پيو وڃي ۽ ھندو لڏندا پيا وڃن. هن چيو ته 1947 ۾ جڏھن پاڪستان وجود ۾ آيو ھو ھو تـ ان وقت سنڌ ۾ ڪو بـ ماڻھو قتل نـ ٿيو ھو ھن وقت قتل عام عام ٿي ويو آھي. . پنجاب اسان جي ٻين وسيلن تي قبضو ڪرڻ سان گڏ ھاڻي وري سنڌو درياء ۾ ڪينال ڪڍي پاڻي بـ کسيو پيو وڃي پر ان عمل صدارتي محل ۾ ويٺل آصف زرداري آھي جيڪو سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪري سنڌ کي سڪائڻ چاھي ٿو. پاڻي اسان جو جياپو آهي. سنڌو درياء 6 ڪروڙ عوام جي جياپو آھي جنھن تي ڌاڙو ھڻڻ ڪڏھن بـ نـ ڏينداسين سنڌو درياء جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف 9 نومبر تي حيدرآباد، 20 نومبر تي سڪرنڊ باء پاس تي ۽ 24 نومبر تي ڪراچي گورنر ھائوس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو. ان موقعي تي جلسي کي نثار ڪيريو ھوت خان گاڏھي ڊاڪٽر احمد نوناري گلزار سومرو حميد ميمڻ سرواڻ مگسي عاشق ٿھيم الھوايو عمراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.