دهشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ ترميم سميت 3 اهم بل اڄ قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جا امڪان

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت 26هين آئيني ترميم کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس مان 3 اهم بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،  ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ حڪومت طرفان 3 اهم بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر  ترميم بل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي انگ ۾ واڌ جو بل منظوري لاءِ پيش ٿيندو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم سان آئيني بئنچ جي سربراهه کي ججز ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو.سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 25 ڪيو ويندو، جڏهن ته دهشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، ذريعن موجب حڪومتي ميمبرن کي اڄ ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻي طرف سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته دهشتگردي روڪ ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، بل تحت حڪومت ۽ سول آرمڊ فورسز کي 3 مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته هي بل آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، دهشتگردي جي سرگرمين ۾ واڌ ٿي آهي، حڪومت کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته اها ڇو ناڪام رهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته پارليامينٽ جي ان ڪيمرا اجلاس ۾ دهشتگردي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي، سندس موجب 2014 ۾ دهشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ اهڙيون ترميمون ڪيون ويون، ڇا ان سان جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ بهتري آئي؟ ڇا انهن حراستن ۽ انڪوائرين سان دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ سزا جي شرح وڌي هئي؟ 2014 جي ترميمن سان گم ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي؟ رضا رباني چيو ته نئين تجويز ڪيل ترميم حڪومت ۽ هٿياربند فوج کي ڪنهن فرد کي 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏئي ٿي، اها آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي، دهشتگردي روڪ ايڪٽ جو ماضي ۾ غلط استعمال ٿيندو رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.