ٽرمپ جي ڪاميابي سان پاڪستان لاءِ وري به ”غير متوقع“ فيصلن جا امڪان؟!

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ باقي ٻه ڏينهن بچيا آهن ته ان پاڪستان ۾ به اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته جيڪڏهن ٽرمپ ٻيهر ڪامياب ٿيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي ڪهڙا اثر پوندا؟ يا جيڪڏهن ڪملا هيرس آمريڪا جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي ته پاڪستان سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟ ان حوالي سان جانز هاپڪنز يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل پوليٽڪس جي پروفيسر ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس ۾ ڏکڻ ايشيا لاءِ سينيئر صلاحڪار ڊين مارڪي جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان لاءِ پاليسي ڪهڙي هوندي چوڻ ڏکيو آهي، ان جا پهرين دور ۾ غير متوقع پاليسي فيصلا ڏٺا ويا آهن، حقيقت اها آهي ته پاڪستان-آمريڪا لاڳاپن ۾ آمريڪا-ڀارت لاڳاپا ۽ افغانستان جي صورتحال اهم ڪردار ادا ڪري ٿي،  بائڊن جو دور افغانستان تي ڪافي خراب رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته هيرس ڪا مختلف پاليسي اختيار ڪري، ٿي سگهي ٿو ڪي پاليسيون تبديل ٿين جيڪي پاڪستان لاءِ اثرانداز ٿي سگهن ٿيون ۽ آمريڪا کي بائيڊن دور جي مقابلي ۾ پاڪستان سان لاڳاپا وڌائڻا پون، هندستان سان آمريڪا جي لاڳاپن جي حوالي سان اهو ممڪن آهي ته هيرس-بائيڊن جون پاليسيون جاري رکي، پر ڇاڪاڻ ته بائيڊن انتظاميه هندستان تي تمام گهڻو ڌيان يا اهميت ڏني آهي، ان ڪري شايد هيرس ان کي ٿورو گهٽ ڪري ڇڏيندي ۽ هندستان کي اها اهميت نه ملي  جيڪا صدر بائيڊن جي دور ۾ ملي تنهن ڪري آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ ڪجهه ترميم ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.