اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ فوجي عدالتن بابت ڪا قانونسازي شامل ناهي ۽ ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي دعويٰ گمراهه ڪندڙ آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ترميم ۾ فوجي عدالتن بابت ڪي ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، سلمان اڪرم راجا جو الزام غلط آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته آئيني ترميم ايندڙ سال ڪئي ويندي پر اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هن دعويٰ ڪئي ته سول سوسائٽي، حڪومت جون اتحادي پارٽيون ۽ اپوزيشن به ان ۾ ڌر آهي، اسان خاص پارلياماني ڪاميٽي کي ناهي ٽوڙيو ۽ خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندي رهندي. حڪومت ترميم تي اتفاق راءِ چاهي ٿي.