ڪراچي(رپورٽر)ارتقا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز ڪراچي، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران ترقي پسند تحريڪ جي روح روان راحت سعيد کي شاندار ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو آهي ته هن جو ارتقا ۽ ارتقا پبليڪيشن جي حوالي سان اھم ڪردار رھيو، سندس سڃاڻپ کاٻي ڌر جي جي دانشور، عالم، اديب ۽ شاعر طور ھئي،اهڙو اظهار ملڪ جي ناليوارن اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽ پورهيت اڳواڻن ڪراچي جي پي ايم اي هائوس ۾ راحت سعيد جي ياد ۾ منعقد ڪيل شاندار تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ارتقا انسٽيٽيوٽ جي ڪليم دراني چيو ته هر ماڻهو آخر هليو ويندو آهي پر راحت سعيد جهڙا تاريخ ساز ماڻهو صدين تائين زنده رهندا آهن، راحت سعيد جي فرزند ڊاڪٽر ارجمند حيدر چيو ته بابا اسان کي ايماندار ۽ بي باڪ بڻايو، خود اعتمادي سيکاري، پروفيسر ڪرن سنگهه چيو ته هن سموري زندگي متحرڪ گذاري، فيض صد سالا تقريبون منعقد ڪرائڻ ۾ هن اهم رول ادا ڪيو، ڊاڪٽر ٽيپو سلطان چيو ته راحت سعيد آخر تائين بهادري سان زندگي گذاري، آخر تائين پنهنجي عقل ۽ فهم کي قائم رکيو، رياض شاھد دايو چيو ته راحت سعيد جو وڇوڙو صرف سندس خاندان نه پر پوري ترقي پسند تحريڪ جو نقصان آهي، اهم ڳالهه ته هن سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو، کيس سنڌ، سنڌي تهذيب ۽ ثقافت سان تمام گهڻو پيار هو، انهي خال کي ڀرڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر ندا چيو ته راحت صاحب کان انسانن سان محبت ڪرڻ جي سکيا ملي، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد چيو ته هو اسانجو نظرياتي دوست هو، جيسين جيئرو هيو، نظرياتي طور متحرڪ رهيو، اشتراڪي خيالن جو پاسبان هيو زبيده مصطفيٰ ٻڌايو ته ھن ڪڏھن به بيماري کي پاڻ تي حاوي نه ڪيو، انيس زيدي چيو ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ پھرين عالمي اردو ڪانفرنس شروع ڪرائڻ ۾ راحت سعيد جو اهم رول هو غازي صلاح الدين چيو ته هو انهن ماڻهن مان هيو، جنهن سموري حياتي پنهنجي نظرياتي ڪمٽمينٽ سان گڏ گذاري، ڊاڪٽر هما چيو ته هو پاڻ منظر تان پاسيرو رهي ٻين کي پيش ڪندو هو، ڊاڪٽر نيل ڪنٺ چيو ته راحت سعيد بابا روچي رام جو دوست هيو، اڪثر ساڻس ملڻ ٿيندو هيو، ڊاڪٽر توصيف چيو ته هو آئيڊياز جو ماڻهو هيو، کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته سندس ترقي پسندي جي پيغام کي نوجوانن تائين پهچايو وڃي،ناصر منصور چيو ته راحت ڪامريڊ کي سرخ سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن روشن خيال تحريڪن ۾ ڏينهن رات ڪم ڪيو،ان موقعي تي ڪامريڊ حسين فاطمي ، نديم سبطين، منظور رضي،شاهجهان خطاب ڪيو، جڏهن ته امداد آڪاش، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، خادم منگي، ڊاڪٽر مبارڪ علي، حسن نقي ۽ ٻاھرين ملڪن مان وڀوتي نارائڻ راءِ، ڊاڪٽر ريشما آن لائن خطاب ڪيو،