نصيرآباد (رپورٽ: بشير احمد بروهي) نصيرآباد ۾ ڊاڪٽر نويد عرف ساگر ڪانڌڙو ۽ واجد علي چانڊيو کي کنڀي گم ڪرڻ ٻئي ڏينهن به خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران نوناري پاڙي کان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي فقير علي گل ڪانڌڙو، منصور سومرو، عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ رياض ڦلپوٽو ۽ ڊاڪٽر نويد ساگر ڪانڌڙو جي بيمار پيرسن امڙ غلام صغرا ڪانڌڙو چيو ته ڊاڪٽر نويد ساگر ڪانڌڙو هڪ پرامن قومي جمھوري سوچ رکندڙ نوجوان آهي جنھن کي اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن نويد ساگر ڪانڌڙو تي ڪو ڪيس وغيره آهي ته بنا دير ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ قانون موجب کيس سزا ڏني وڃي.