سنڌو تي ڊيمن ۽ ڪئنالن وسيلي قبضو ڪيو پيو وڃي: نواز خان زنئور

ڪراچي (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سنڌو نديءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ، ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين ڊيمن ٺاهڻ ۽ ارسا  ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سڀاڻي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو آهي ته سنڌو نديءَ تي ڊيمن ۽ نون ڪئنالن وسيلي قبضو ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن سنڌو درياهه سڪي ويو ته سنڌ تباھ ٿي ويندي. تنهنڪري سنڌي قوم کي حڪمرانن جو اهڙو ڪوبه فيصلو قبول نه آهي، جيڪو دريا دشمن هجي. قومي پارٽي جي پڌرائي موجب نواز خان زئور چيو ته قومي پارٽي پاران دريا بچائڻ لاءِ مرحليوار جدوجهد ڪئي پئي وڃي. جنهن سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ مظاهرا، احتجاجي ريليون ۽ بک هڙتالون ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.