حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ارسا پاران سنڌ حڪومت کي خط لکي ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ واري حڪم کي رد ڪندي چيو آهي ته ارسا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھي ٿي ارسا ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي.