سنڌ جي تباهي لاءِ پي ڊي ايم پارٽ 2 تيار آهي: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي سربراهھ رياض علي چانڊيو چيو آھي ته پ پ ۽ جي يو آءِ سنڌ ۽ سنڌين  جو مستقبل پھريون  ئي تباھه ڪري چڪيون آھن، جي يو آءِ ۽ پ پ پاران وڌيڪ سنڌ جي تباھي لاءِ پي ڊي ايم ٽو جو پارٽ تيار ڪئي آهي، جي يو آءِ،  پ پ ۽ ن ليگ جو ڀيانڪ چھرو ماڻھو ڏسي چڪا آھن، 26 آئيني ترميم جي منظوري کان علماءِ اڪرام کي اپيل آھي تـ پنھجي وطن سنڌ سان بيھڻ جو وقت اچي ويو آھي، سنڌ جا ماڻھو سنڌ جي بربادي خلاف قومي ۽ جھموري جھدوجھد پرامن نموني شروع ڪن، درياھه جو تحفظ، زمينن جي حفاظت ۽ وسيلن جي واپسي لاءِ اڳتي اچن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.