سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت آصف زرداري ڏني آهي: نياز ڪالاڻي

سيٺارجا/ سوئي گيس (نمائندن وٽان) وفاق پاران سرسبز سنڌ کي تباھه ڪرڻ واري سازش خلاف جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز  ڪالاڻي 5 نومبر تي خيرپور ۾ ريليءَ ڪڍڻ جي جاڳرتا مھم لاءِ سوئي گيس شھر پھچي جسقم جي ضلعي اڳواڻ لالڻ سنڌيءَ پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ سنڌ کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي ڇو ته سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري بل تي صحيح ئي صدر آصف علي زرداري ڪئي آهي ٿر مان 26 ميگا واٽ بجلي نڪري ٿي جيڪا پنجاب کي ڏني وڃي ٿي اسان جيڪڏھن چُپ رهياسين ته سنڌو درياءَ مان پنجاب ڪينال ڪڍي ويندو ھن چيو سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق آھي ۽ سنڌ کي پنھنجا حق نه ٿا ڏنا وڃن، ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام حيدر ڦُل جسقم اڳواڻ محمد شريف ڦُل ، ايڊووڪيٽ مجيب ڀيلار ، شھاب دين ميمڻ ، ڪرم حسين سامٽيو ۽ ٻيا جسقم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.