ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه وزير اعلي هائوس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي 46هين اجلاس ۾ اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ 17 ماڙ عمارت جي تعمير، صنعتن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويسٽ ڪراچي واٽر ريسائڪلنگ پروجيڪٽ 1، ڊي ايڇ اي ۽ صفورا کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ ڊي سالينيشن پلانٽ لڳائڻ، ملير ايڪسپريس وي جي ڪاٺوڙ انٽرچينج کي ڇهه رويه روڊ ڪرڻ ۽ گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير لاءِ ٻه ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏني وئي . اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ضياءَ لنجار، سردار شاهه، علي حسن زرداري، ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدري، اسيمبلي ميمبر غلام قادر چانڊيو، قاسم سومرو، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري گهرو اقبال ميمڻ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، ڊي جي پي پي يونٽ اسد ضامن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.