ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري رٿا جي ھر فورم تي مخالفت ڪئي آھي ۽ ھميشھ ڪندي رھندي. اهڙن خيالن جو اظهار ھن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صوبائي صدر مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ سيڪريٽري جنرل سنڌ علامه راشد محمود سومرو سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جي صوبائي اڳواڻن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڪينال اڏڻ واري رٿ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي جي مسئلي تي عوامي موقف کي سامهون آڻڻ لاءِ جي يو آءِ (ف) ڪانفرنس منعقد ڪري رھي آھي. جي يو آءِ (ف) اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير کي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا سيد مراد علي شاهه قبول ڪئي ۽ پاڻي بابت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو يقين ڏياريو. ملاقات دوران جي يو آءِ وفد پاران ڪچي ۾ڌاڙيلن جي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙن خلاف سنڌ حڪومت جو آپريشن جاري آهي. سيد مراد علي شاهه گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته ڪچي ۾پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن تيز ڪيو وڃي. جي يو آءِ اڳواڻن ڪچي ۾ آپريشن لاءِ پنھنجي جماعت جي سهڪار ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. وڏي وزير چيو ته پوليس ڪارروائيءَ کان سواءِ سمورين سياسي، سماجي ۽ علائقائي بااثر شخصيتن جي پڻ گھرج پوندي.