بشريٰ بي بي جي ضمانت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشا خانا 2 ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ اي بشريٰ بي بي جي ضمانت جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي اپيل ڪئي آهي ته بشريٰ بي بي کي ڏنل ضمانت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج چيمبر ۾ ضمانت ڏني ۽ سپريم ڪورٽ جي طئي ڪيل اصولن کي نظر ۾ نه رکيو ويو.
ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو ته ڪيس اهو آهي ته بشريٰ بي بي پنهنجي مڙس سان گڏ ملوث آهي پر هاءِ ڪورٽ ضمانت ڏيندي اهو نه ڏٺو ته اهي شاهديون آهن ته بلغاري جيولري سيٽ کي توشا خانا ۾ جمع نه ڪرايو ويو، سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ اهو اصول طئي ڪري چڪي آهي ته عورت هجڻ باوجود جيڪڏهن ڪنهن جو ڪرمنل رڪارڊ آهي ته ان کي ضمانت نٿي ملي سگهي.
ايف آءِ اي وڌيڪ چيو ته 262 ڏينهن ڪنهن جي جيل ۾ هجڻ جي بنياد تي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 23 آڪٽوبر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ضمانت رد ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.