حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد ۾ بااثر جو پٽ گاڏي روڪڻ تان آپي مان نڪري ويو، نوجوان ون فائيو سينٽر جي پوليس اهلڪارن کي گاريون ڏيندي ڌمڪيون ڏنيون، جنهن جي ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، پوليس اهلڪارن کي گاريون ڏيندڙ نوجوان خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي ۽ پوليس اهلڪار ويچارا بڻيل رهيا. قاسم آباد جي علي پيلس چوڪ وٽ قائم ون فائيو سينٽر سامهون گاڏي تيز هلائڻ ۽ هڪ اهلڪار کي ويگو گاڏي هٽ ڪرڻ تان گاڏي روڪي وئي، جنھن تي اندر ويٺل بااثر جو پٽ نوجوان آپي مان نڪري ويو, جنهن مڇرجي پوليس اهلڪارن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ڌمڪيون ڏنو ۽ بعد ۾ روانو ٿي ويو، وري ٿوري دير ۾ ئي هو سندس بنگلي تي مقرر پوليس اهلڪارن ۽ خانگي گارڊن کي کڻي ون فائيو پوليس مددگار سينٽر پهتو. ان دوران نوجوان اهلڪارن کي گاريون ڏيندو رهيو. رات دير تائين حيدرآباد پوليس جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ سان گڏ پوليس اهلڪارن جي سرعام تذليل ڪندڙ نوجوان خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي هئي. ان حوالي سان ون فائيو سينٽر جي اهلڪارن جو چوڻ هو نوجوان ڏاڍي زيادتي ڪئي آهي، واقعي جي وائرل ٿيل ويڊيو سميت سموري صورتحال کان اعلي آفيسرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.