جسٽس طارق جي ڊگري وارو معاملو، جسٽس ظفر راجپوت پاران ٻڌڻي کان معذرت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسلام آباد جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري وارو مامرو، اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس ظفر راجپوت درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو،  جسٽس ظفر راجپوت چيو ته فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي وڃي ته جيئن نيئن بينچ تشڪيل ڏئي سگهجي، مان پاڻ ڪراچي يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جو ميمبر آهيان، سڀاڻي به اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، درخواستگذار چيو ته درخواست ۾ عدالت جي گذريل ڪم جي روشني ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ترميمي درخواست ۾ اسلاميه ڪاليج کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾  لاڳاپيل اينڪر جو صحيح پتو به شامل ڪيو ويو آهي، عدالت ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ان فيئر مينز ڪميٽي جون سفارشون ۽ سنڊيڪيٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي کي ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو،  عدالت پيمرا کي ان فيئر مين ڪميٽي بابت خبرن کان به روڪي ڇڏيو آهي، عدالت ايف آءِ اي کي ڊگري بابت جاچ کان به روڪي ڇڏيو آهي. هوڏانهن عدالت سنڊيڪيٽ ڪميٽي کي جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي. عدالت وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.