ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌڙي ۾ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي جي حوالي ڪرڻ بعد ايف آءِ اي شاهنواز ڪنڀر جي وڪيل ۽ مائٽ ابراهيم ڪنڀر جي فرياد تي هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد آرائين، اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، سنڌڙي جي ايس ايڇ او نياز کوسو، ڊي آءِ بي انچارج ميرپورخاص دانش ڀٽي، سنڌڙي ٿاڻي جا سپاھي لکمير مري، صديق راھمون، الھجڙيو ڪانھيو، سي آءِ اي انچارج ميرپورخاص عنايت زرداري، سب انسپيڪٽر ھدايت الله ناريجو، نادر پرويز، غلام قادر ۽ فرمان علي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ جو ريڊر عبدالستار سمون، نواب سميجو، امان الله، نديم کوسو عرفان شاهاڻي، ڊائيور عطاءِ حسين، پير عمر جان سرهندي، مولوي احمد شاهاڻي ۽ مولوي رياض پنهور سميت 46 جوابدارن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد عمران، راشد ڀٽي ۽ ٻين سينٽر جيل ميرپورخاص پهچي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن کان بيان ورتا، واضح رهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واقعي جي حوالي سان داخل ٿيل ڪيسن جو انگ 7 ٿي ويو آهي.