ڪراچي ۾نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ٽيون جوابدار به گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي پوليس 12 ورهين جي نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ٽئين جوابدار کي بھ گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته جوابدارن 2 ساٿين سان گڏجي  نينگري جو لاش ٻوري ۾ بند ڪري اڇلائي ڇڏيو هو. ڊان نيوز جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ سائوٿ زون انويسٽيگيشن پوليس گنگا ريپ ۽ قتل واقعي ۾ ملوث ٽئين انتهائي گهربل جوابدار بلاول خان کي گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته ان کان اڳ ڪراچي ضلعي ڏکڻ جي پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن وقار علي ۽ عاصم کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.