ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي سينيئر سول ججن ۽ اسسٽنٽ سيشن ججن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون آهن، جن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن موجب ايڊيشنل رجسٽرار هاءِ ڪورٽ حيدرآباد صدرالدين ٻوهيو کي سينيئر سول جج سائوٿ ،عبدالرحمان کي سينيئر سول جج ٺٽو مقرر ڪيو آهي.غلام مدني کي سينيئر سول جج ڪوٽڙي ڄامشورو،وزير علي ٻوهيو کي سنيئر سول جج حيدر آباد مقررڪيو ويو آهي.عبدالحفيظ چاچڙ کي سينيئر سول جج ميرپور ماٿيلو جڏهن ته انيس ريحام ٻرڙو کي گمبٽ جو سينيئر سول جج مقررڪيو ويو آهي .