هوسڙي ڀرسان نينگري سان زيادتي جو ڪيس داخل، جوابدار نه پڪڙيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي هوسڙي ڀرسان ڳوٺ قادر بخش سولنگي جي ڪولهي پاڙي ۾ 6 ورهين جي نينگري "ڇا ڪ” سان ٿيل زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس سندس والد "و ڪ” جي فرياد تي جوابدار فياض عرف فوجي راجپوت خلاف هوسڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته ايس ايڇ او هوسڙي جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار فياض عرف فوجي راجپوت سندن نياڻي سان زيادتي ڪئي آهي ۽ اهڙي تصديق ميڊيڪل رپورٽ ۾ به ٿي آهي. واقعي کانپوءِ جوابدار لاڳيتو فرار ٿيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.