ڪراچي ۾پوليس وردي پهريل ڦورن پرڏيهي سياحن کي ڦري ورتو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان مجاهد وٽ پوليس وردي پهريل ڦورن پرڏيهين کي ڦري ورتو. ڊي ايڇ اي اختيارين موجب واقعو 2 ڏينهن اڳ پيش آيو، ڌاڙيلن پولينڊ مان آيل پرڏيهين کان 1080 ڊالر ڦر ڪيا. پرڏيهين وٽ نه سيڪيورٽي هئي نه ئي هنن انتظاميا کي ان بابت آگاهه ڪيو. ٻئي پاسي درخشان پوليس چيو ته اسان پرڏيهي رهواسين جا بيان ورتا آهن، واقعي بابت ڪنهن قانوني ڪارروائي ناهي ڪرائي. درخشان پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري جوابدارن جي ڳولا  ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي اي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير جي ترجمان موجب هن چيو ته سياحن کي ڦرڻ ۽ هيسائڻ حوصلو ٽوڙيندڙ واقعو آهي، حڪومت جي هاڪاري تصوير سبب سياح اچي رهيا آهن، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. پرڏيهي سياحن سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن کي به تحفظ ڏنو وڃي. نگراني لاءِ سيف سٽي پراجيڪٽ کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.