حزب الله شيخ نعيم قاسم کي نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو

بيروت (م ڊ) حزب الله نعيم قاسم کي پارٽي جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو. حسن نصرالله جي شهادت جي هڪ مهيني بعد لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله نعيم قاسم کي پنهنجو باضابطهاڳواڻ چونڊيو آهي. نعيم قاسم ڊگهو وقت حسن نصرالله جو نائب رهيو ۽ حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ کيس تنظيم جو وقتي سربراهه بڻايو ويو، جڏهن ته هو ان کان اڳ مسلسل 3 ڀيرا حزب الله جي شوريٰ ڪميٽي جو ميمبر رهي چڪو آهي. اسرائيلي بچاءَ واري وزير يو آئوف گولانٽ حزب الله جي نئين سربراهه کي به نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. شيخ نعيم قاسم جي تصوير پوسٽ ڪندي هن ڌمڪي ڏني ته هي عارضي مقرري آهي، گهڻي دير نه هلندي، ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.