نوابشاهه ۾ ڊاڪٽر مائرا خواجا جي مبينا آپگهات واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو آهي ته ڊاڪٽر مائرا خواجا خودڪشي نه ڪئي آھي. کيس قتل ڪيو ويو آھي.معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي انصاف نه ڪيو ويو ته هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا. ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي سڏ تي پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي  ايم ايس آفيس ٻاهران  ڊاڪٽر  مائرا خواجا جي واقعي خلاف ڊاڪٽر فراز ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته ڊاڪٽر مائرا خواجا خودڪشي نٿي ڪري سگهي.کيس قتل ڪيو ويو آهي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر مائرا خواجا خودڪشي ڪئي آھي ته ان جا ڪارڻ ڪھڙا آھن اهو سبب ڄاڻڻ گهرجي. جيڪڏهن کيس قتل ڪيو ويو آھي ته فوري طور تي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ھنن چيو ته اسان پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار ڪري رھيا آھيون. جيڪڏھن ڊاڪٽر مائرہ خواجا کي قتل ڪيو ويو آهي ته ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن انصاف نه ملڻ تائين ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.