اتر غزا تي اسرائيل جو حملو، 115 ڄڻا شهيد، سوين زخمي

غزا (م ڊ) اتر غزا جي شهر بيت لحيا تي اسرائيلي حملي ۾ شهيدن جو انگ 115ٿي ويو آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته 17 ڄڻا اڃا تائين ملبي هيٺ دٻيل آهن، فلسطيني ميڊيا موجب حملي ۾ تباهه ٿيل هن پنج ماڙ عمارت ۾ لڳ ڀڳ 150 بي گهر ماڻهو رهندا هئا، سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ زمين تي چادرن سان ڍڪيل لاش ڏسي سگهجن ٿا، ڪمال عدوان اسپتال جي ڊائريڪٽر حسام ابو صفيه موجب حملي ۾ زخمي ٿيل ٻارن جو سندس اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، اسرائيلي فوج اڃا تائين ان حملي بابت ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.