اسلام آباد(مهتاب حيدر+وقار گيلاني)اسلام آباد ۾ پاڪ چائنا انسٽيٽيوٽ پاران منعقد ڪرايل تقريب ۾ چيني سفير خطاب دوران پاڪستان ۾ سيڪيورٽي معاملن تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو،تقريب ۾ چيني سفير پهرين خطاب ڪيو بعد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تقرير ڪئي بعد ۾ وري چيني سفير ڊائس تي آيو ۽ چيو ته سيڪيورٽي معاملن تي خدشا ختم ٿيڻ گهرجن جنهن تي اسحاق ڊار جواب ڏنو ته صدر آصف زرداري چين جو دورو ڪري رهيو آهي،ان حوالي سان اتي ڳالهيون ٿينديون،ذريعن موجب ڪراچي،بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ سي پيڪ جا منصوبا هلي رهيا آهن،ٻن صوبن ۾ دهشت گردي جاري آهي،چين سان انٽيليجنس شيئرنگ ٿيڻ گهرج.