جڊيشل ڪميشن ۾ اڪثريت سبب آئيني بئنچ جوڙجڪ ۾ سرڪاري اثر هوندو

اسلام آباد(م ڊ)  تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آئيني بينچن جي قيام لاءِ جڊيشل ڪميشن ۾ حڪومت کي اڪثريت نظر اچي رهي آهي. بهرحال ڏسڻو اهو آهي ته ججن کي گڏ کڻي هلن ٿا يا اڪثريت راءِ سان فيصلا ڪن ٿا. تجزيه نگارن موجب جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جو ڪردار اهم هوندو. جيڪڏهن چيف جسٽس چوي ته آئيني بينچن ۾ سينيئر ترين جج مقرر ڪيا وڃن ته ڇا چيف جسٽس جي راءِ قبول نه ڪئي ويندي؟ بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته 26هين آئيني ترميم ذريعي آئين ۾ لکيو ويو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنج رڪني آئيني بئنچ هوندي. بهرحال، اهو فيصلو جڊيشل ڪميشن کي ڪرڻو آهي ته آئيني بينچ ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا جج مقرر ڪيا وڃن. 26هين آئيني ترميم ذريعي آئيني معاملن  کي الڳ ڪيو ويو آهي. ان سان ماڻهن کي سهولت ملندي ۽ ڪيس جلد نمٽيا ويندا. وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي مطيع الله جان چيو ته حڪومت ڪجهه ججن کي آئيني بينچن ۾ شامل ڪرڻ جو خطرو نه کڻندي.واضح رهي ته وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جيو نيوز جي پروگرام ”نيا پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر کي آئيني بينچن تي ويهڻ کان معذرت ڪئي وڃي. ماهرن موجب آرٽيڪل 191 اي جي شق 2 موجب جڊيشل ڪميشن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچن لاءِ نامزد ڪيل ججن مان سينيئر ترين جج آئيني بينچن جو سينيئر ترين جج هوندو. آئيني بينچن جو سڀ کان سينئر جج آئيني بينچ جو پرزائيڊنگ جج هوندو.صوبائي هاءِ ڪورٽن ۾ آئيني بينچن لاءِ صوبائي اسيمبلين جا ٺهراءُ پاس ڪرڻ لازمي هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.