اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري 4 کان 7 نومبر تائين 4 ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو. ان دوران هو چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. صدر زرداري 5 نومبر تي شنگهائي ورلڊ ايڪسپو ۾ به شرڪت ڪندو. ذريعن موجب چيني قيادت سان ملاقاتن ۾ سي پيڪ فيز 2، پاڪستان ۽ چين لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي سلامتي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اهو دورو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن چيني وزيراعظم لي چيانگ تازو ئي پاڪستان جو چار ڏينهن جو دورو ڪيو.