ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ دراني مھر ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تي ٿيل جھيڙي ۾ قتل ٿيل ٻن حنيف ڀيو ۽ مرتضي ڀيو جا لاش جھولي لال باءِ پاس تي مقتولن جي وارثن ۽ ڀيا برادري جي ماڻھن سيف الله ڀيو، وڪيل انيس ڀيو، عبدالمالڪ ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب مختلف صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن سبب مسافر سخت پريشان رهيا، احتجاج ڪندڙ مقتولن جي وارثن چيو ته ڏوھارين اسان جي مٿان حملو ڪري ٻن کي قتل ڏهھ کان وڌيڪ زخمي ڪري ويا ، پر پوليس ھڪ قاتل کي به گرفتار نه ڪيو آهي نه پوليس ڏوھارين جي گھرن تائين وئي آهي، هوڏانهن 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رھڻ بعد ڊي ايس پي اصغر شاھه ڌرڻي ۾ پھچي ڪري قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو.