سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو بل جمعي تي پيش ڪيو ويندو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو بل جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. پارلياماني ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 23 ڪيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ چيف جسٽس سميت 23 ججن تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته حڪومت طرفان ججن جو انگ وڌائڻ جو بل پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب بل اڳ ئي بئريسٽر دانيال چوڌري نجي ڪارروائي جي ڏينهن پيش ڪري چڪو آهي. ذريعن موجب بل جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي تائين وڌايو ويو، جڏهن ته ترميمي شيڊيول موجب اجلاس ڪالهه ختم ٿيڻو هو. ٻئي طرف پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم تي به مشاورت جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.