صحافين تي ٿيندڙ حملا ۽ پوليس جو ڪردار

تحرير: ثوبيا کوسو

سنڌ ۾ مزاحمتي صحافت ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڪيترائي اهڙا صحافي آهن جن حق سچ جي راهه تي پنهنجي سون جهڙيون جوانيون وڃائي ڇڏيون، پنهنجي زندگي ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪيون، جيلن جا منهن ڏٺا پر آڻ نه مڃي، سموري زندگي غربت ۾ گذاري، هڪ طرف اهي صحافي    ته ٻي طرف وري انهن نيم صحافين کي به وساري نٿو سگهجي  جيڪي هڪ ننڍي شهر ۾ پنهنجا الڳ الڳ پريس ڪلب  کوليو ويٺا آهن، ڊمي اخبارن، ڊمي چينلن ۽ سوشل ميڊيا جي آڙ ۾ پنهنجي غيرقانوني ڌنڌن کي لڪائڻ لاءِ پنهنجي پاڻ تي صحافي جو ليبل هڻي ڦرندا رهن ٿا ، انهن ۾ ڪيترائي ته اهڙا آهن جن کي خبر لکڻ به ناهي ايندي، اهي ڪروڙ پتي ٿي ويندا آهن، پر سچ تي هلندڙ صحافين جي نصيب ۾ هڪ ويلو ماني هوندي آهي ته ٻي ويلي جي ناهي هوندي، صحافت ڪرڻ تمام ڏکيو ۽ جان جوکم ۾ وجهڻ جو ڪم آهي، سچ تي هلندڙ صحافي جي ڪنهن سان به دشمني ناهي هوندي، هو غيرجانبدار هوندو آهي، هو مسئلن کي وائکو ڪندو آهي ، غريب ماڻهن جو آواز  حڪمرانن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

آئون سنڌ جي وڏن شهرن جي ڳالهه ته نٿي ڪيان پر ننڍن ننڍن شهرن جي ڳالهه ضرور ڪنديس، ننڍن شهرن ۾ صحافين وٽ ڪوريج لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي، ٽائون، ايجوڪيشن، صحت، بنيادي سهولتن جي کوٽ تقريبن ٻهراڙين ۾ ئي هوندي آهي جن کي صحافي وائکو ڪندا آهن ، ۽ انهن صحافين طرفان انهن کي وائکو ڪرڻ جي نتيجي ۾ آسپاس جا رئيس ،مير پير وڏيرا ۽ مختلف مافيائون ڪاوڙيل نظر اينديون آهن، ۽ خبر ڇپجڻ کانپوءِ  ان صحافي کي پهرين ته لالچون ڏنيون وينديون آهن، پئسن جون آڇون ڏنيون وينديون آهن پر سماج ۽ ماڻهن کي ٿيندڙ نقصان کي ڏسي جڏهن اهو صحافي اهي سڀ آڇون ٺڪرائي حق ۽ سچ تي بيهندو آهي ته پوءِ وري ان خلاف سازشون ڪيون وينديون آهن، حملا ڪيا ويندا آهن، ماريو ويندو آهي، جنهن جا مثال سموري سنڌ ۾ ملن ٿا، وڏن وڏن شهرن جي صحافين جي نه پر اڄ آئون اوهان کي ننڍن شهرن جي صحافين سان ٿيندڙ مسئلن انهن تي ٿيندڙ حملن ، انهن کي پهچندڙ تڪليفن جي باري ۾ ٻڌائينديس ، ڪجهه ئي ڏينهن پهرين شيخ ڀرڪيو اسٽيشن تي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي صحافي سجاد علي ٿهيم هڪ غريب مزدور سان ٿيندڙ ظلم جي خبر هلائي جنهن ۾ اهو ڌڻي پاڻ پنهنجو موقف ڏيئي رهيو هو، خبر هلڻ کانپوءِ جيئن سجاد ٿهيم شهر پهتو ته ان کي علائقي جي ڪجهه سيد ذات جي بااثرن جن جو تعلق حڪومتي پارٽي آهي انهن صحافي سجاد ٿهيم تي شهر وچ ۾ حملو ڪري ڏنو، ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ايتري قدر جو هن جي بيهوش ٿيڻ تائين هن کي مارڪٽ ڪندا رهيا پر ڪجهه منٽن جي مفاصلي تي موجود شيخ ڀرڪيو ٿاڻي مان هڪ سپاهي به نه لڙيو، سڀ خاموشي سان تماشو ڏسندا رهيا ، نيٺ صحافي تي سخت تشدد ڪري جڏهن هو روانا ٿيا تڏهن شهرين زخمي ۽ هڏ ڀڳل بيهوش ٿيڻ صحافي کي ٿاڻي تي پهچايو شيخ ڀرڪيو پوليس صحافي کي ليٽر ٺاهي ڏيئي اسپتال وڃڻ جو چيو ۽ خاموش ٿي ويهي رهي ، ڇو جو اڳين ڌر تمام گهڻي بااثر هئي، ۽ ايف آئي آر به داخل نه ڪئي، صحافي برادري جي سخت احتجاج کانپوءِ ايف آئي آر ته داخل ٿي پر جوابدارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي،

هتي اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا مافيائون قانون کان به طاقتور آهن؟ هاڻ آئون اوهان کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائينديس ته منهنجي شهر چمبڙ ۾ سرعام منشيات هلي رهي آهي منشيات جنهن ۾ شراب، چرس، آفيم، وسڪي ، هيروئن، آئيس ۽ سفينا شامل آهن، آئون يارهين ڪلاس جي شاگرد آهيان، هر روز شهر ويندي ڏسندي هئس ته اسڪول جا ٻار به سفينا ۽ آئيس واپرائي رهيا هوندا هئا، پهرين هڪ ڳالهه اها به واضح ڪندي هلان ته سفينا واپرائڻ سبب ڪيترائي نوجوان مرد ۽ عورتون ڪينسر وگهي حياتي وڃائي ويٺيون آهن، سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندي نوجوان نسل جي تباهي جا منظر ڏسندي مونکان خاموش رهيو نه ٿيو، مون عوامي آواز  اخبار ۾ سرعام هلندڙ سفينا تي هڪ نيوز ٺاهي اداري کي موڪلي ، بس رڳو خبر شايع ٿيڻ جي دير هئي ، ڊي آئي جي حيدرآباد ان خبر جو نوٽس ورتو ۽ چمبڙ پوليس کي سفينا ڊيلر گرفتار ڪرڻ جو آرڊر ڏنو، جنهن بعد لکين روپيا هفتو وٺندڙ پوليس کي مجبورن انهن منشيات فروشن جي اڏن تي ڇاپا هڻي ڪيس داخل ڪرڻا پيا، منشيات فروشن ۽ پوليس جي مون تي سخت ڪاوڙ هئي ڇو جو انهن جا ڌنڌا بند ٿيا هئا، خبر جي هلڻ کان پوءِ منشيات فروشن مختلف طريقن سان مونکي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون جنهن جو اطلاع به مون چمبڙ ٿاڻي تي ڏنو ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي لاءِ عرض ڪيم پر مونکي ڪو به رسپانس نه ڏنو ويو، ٻئي ڏينهن منهنجو گهرواري ذوالفقار کوسو مٿان چمبڙ شهر ۾ چاڪر شاخ جي موري وٽ بيٺل منشيات فروشن اياز رند، اصغر رند، ۽ چار ٻين نامعلوم ماڻهن حملو ڪيو، سرين ۽ ڏنڊن سان ان تي تشدد ڪيو ويو، ۽ چيو ويو ته ثوبيا کوسو اسان خلاف خبرون هلايون آهن اسين توکي ته مارينداسين اڄ، سخت تشدد جي ڪري منهنجي گهرواري ذوالفقار کوسو جي جسم جو ڪو به اهڙو حصو نه رهيو هو جنهن تي ڌڪن جا نشان نه هجن، تشدد ڪرڻ سان گڏ منهنجي گهرواري کان پئسا به ڦريا ويا، ۽ کيسي ۾ موجود سمورو سامان ڪڍيو ويو ۽ موٽرسائيڪل کي به ڏنڊا هڻي ٽوڙيو ويو، منهنجو گهروارو ڪميونسٽ پارٽي جو ڪل وقتي ڪارڪن آهي جيئن اها ڳالهه پارٽي جي ساٿين تائين پهتي ته اهي به ٿاڻي تي پهچي ويا جنهن بعد مجبورن پوليس کي ايف آئي آر داخل ڪرڻي پئي، پر انهن صرف تشدد جي ايف آئي آر داخل ڪئي جيڪا ڦر ٿي يا موٽرسائيڪل ٽوڙيو ويو انهي باري ۾ هڪ لفظ به نه لکيو ويو، جڏهن ان حملي جي خلاف عوامي آواز اخبار ۾ ايڊيٽوريل لڳو تڏهن پوليس جلدي ۾ هڪ جوابدار اصغر رند کي گرفتار ڪيو جيئن اعليٰ آفيسرن کي ٻڌائي ۽ ڏيکاري سگهجي ته اسان حملا آور کي گرفتار ڪيو آهي، پر اڃان تائين جيڪو مين جوابدار اياز رند آهي اهو سرعام هلي رهيو آهي، ور ۾ لڳل پسٽل ڏيکاري منهنجي ڳوٺ جي هر هڪ ماڻهو کي چئي رهيو آهي ته هاڻي آئون ثوبيا ۽ ذوالفقار ٻنهي کي گوليون هڻندس ، ۽ انهن ڳالهين جا ثبوت به مون چمبڙ پوليس کي ڏنا آهن، پر چمبڙ پوليس اهو چئي نٽائي ٿي وڃي ته اسان کي جوابدار اياز رند هٿ نٿو اچي اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، ڇا اهو قانون آهي؟ اهڙي پوليس تي ڪير اعتبار ڪندو؟ صرف انهي کي جوابدار ڏسڻ ۾ نٿو اچي پر پوري علائقي کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، چمبڙ پوليس کي اهو سوچڻ گهرجي ته هي حملو صرف هڪ فرد تي ناهي ٿيو پر سچ ۽ حق تي حملو ٿيو آهي، اڄ خبر هلائڻ تان هڪ صحافي جي پڙهيل لکيل، قانون جي آخري سال جي شاگرد، ڪالم نگار ۽ سياسي اڳواڻ تي جاهل ، سماج دشمنن سرعام حملو ڪيو آهي ته سڀاڻي ٻئي تي به ڪري سگهن ٿا، پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته چمبڙ پوليس جي اکين تي اها ڪاري پٽي ٻڌي وئي آهي جنهن پٽي اندر صرف پئسو ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر صحافين ۽ ان جي ٿيندڙ فيملين تي حملا ڏسڻ ۾ نٿا اچن، مونکي ڪافي دوست چوندا آهن ته پوءِ منشيات تي ڇو ٿي لکين ٻيا به مسئلا آهن انهن تي لک ته جيئن تنهنجو ڀرم به رهي ۽ انهن حملن وغيره کان به بچي سگهين باقي منشيات هڪ مافيا آهي انهيءَ مافيا سان وڙهڻ ناممڪن آهي، اوهان پڙهندڙ پاڻ ٻڌايو ته هڪ صحافي جو ڪهڙو ڪم هوندو آهي ته صرف وڏيرن جي جلسن جلوسن تي لکي يا وري چند هزارن عيوض انهن وڏيرن، ميرن پيرن جي ساراهه ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل لکي،

آئون ڇو نه ان منشيات جي باري ۾ لکان جنهن منشيات ڪيترائي گهر ڪينسر وگهي اجاڙي ڇڏيا آهن، چمبڙ ۾ پنج ماڻهن ۾ ٽي ماڻهو منشيات استعمال ڪندا آهن، اسڪولي ٻارڙن جي هٿن ۾ منشيات آهي، اسڪول وڃڻ بدران مختلف جڳهن تي منشيات واپرائيندي نظر ايندا آهن ، اسڪولن اندر اوهان کي ڪينسر پيدا ڪندڙ سفينا جون ٿڪون ڏسڻ ۾ اينديون، ايڏي ساري سماج کي تباهه ٿيندي ڏسي به آئون منشيات جي باري ۾ نه لکان؟ چوندا آهن ته سماج خراب جي ڳالهائڻ جي ڪري نه پر سٺن ماڻهن جي خاموشي جي ڪري برباد ٿيندا آهن،  صحافي جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي هوندي هو هر ٿيندڙ غيرقانوني عمل کي وائکو ڪندو آهي، ڳالهيون ته جام آهن پر آئون آخر ۾  زرار پيرزادو جا اهي لفظ لکنديس ته صحافت ۽ رپورٽنگ پنهنجي جوهر ۾ ڪاريهر نانگ تي پير ۽ هر قسم جي مافيائن سان مهاڏو اٽڪائڻ هوندو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.