روس ۾ اسٽالن جي زماني ۾ روسي سائنسدانن مٿان ملڪ ڇڏڻ تي پابندي هوندي هئي. روسي سائنسدان پيٽر ڪئپيزا (Peter Kepitza) مشھور ڪيوينڊش ليباريٽريءَ تي ڏهن سالن کان يونيورسٽي آف ڪيمبرج لنڊن ۾ ڪم ڪيو ۽ اتان ئي پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪئي. هن پاڻياٺي هيليم تي ڪم ڪيو.
سيپٽمبر 1934 ۾ جوزف اسٽالن خود ان حڪم تي صحيح ڪئي ته ڪئپيزا، روس ۾ رهي، ان کان ٻاهر نه وڃي. اسٽالن جو هي قدم شايد روسي سائنسدان جارج گيمو (George Gamow) جي يورپ ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي بھاني، آمريڪا ڀڄي وڃڻ جي ردعمل طور هو. اسٽالن ان واقعي کان پوءِ روسي سائنسدانن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي تقريبن مڪمل پابندي مڙهي ڇڏي. اهڙي طرح سائنسدانن جي سرگرمين ۽ اٿا ويٺيءَ مٿان سخت نگراني ٿي وڃڻ لڳي.
جيڪڏهن رياستي اختيارين انھن سائنسدانن جي سوويت نظرئي ۽ رياست ڏانھن ٿورڙي به مخالفت محسوس ڪئي ٿي، ته انھن روسي سائنسدانن کي نظربند / قيد ڪيو ٿي ويو. بولشيوڪ انقلابين روسي انقلاب ۽ طبعي سائنس وچ ۾ سڌو سنئون تعلق محسوس ڪيو ٿي. لينن پنھنجي ڪتاب ”مٽيريلزم اينڊ امپيريو/ ڪرٽيسزم“ (1909) ۾ پورو هڪ باب فطري سائنس ۾ تازي انقلاب ڏانھن منسوب ڪيو.
ان ۾ لينن آئن اسٽائن جي نسبت جي نظرئي کي جديد طبعيات ۾ هڪ بحران ڏيکاريندي بيان ڪيو. لينن مطابق آئن اسٽائن، جديد زماني جي عظيم سڌارڪن منجهان هڪ هو. اهو ئي سبب هو جو لينن جي منظوري سان، آئن اسٽائن کي رشين اڪيڊمي آف سائنسز جو غير ملڪي ميمبر چونڊيو ويو. ماسڪو ۽ لينن گراڊ ۾ شاگردن کي آئن اسٽائن جي نسبت جو نظريو پاڙهيو ئي ويو ۽ جنھن کي آئزڪ نيوٽن جي روايتي دنيائي نقطه نظر جو هڪ انقلابي رد نسخو (antidote) سمجهيو ٿي ويو.
پر روس ۾ هر ماڻهو، آئن اسٽائن متعلق لينن جي خيالن سان سھمت نه هو. نسبت جو نظريو ٿي سگهي ٿو، انقلابي هجي پر ڪجهه ماڻهن جي نظر ۾ ان مان بورجوا سائنس جي بوءِ اچي پئي. ارنيسٽ ڪولمين، 1930 ۾ ماسڪو مئٿميٽيڪل سوسائٽي جي صدر، آئن اسٽائن کي ”هڪ عظيم سائنسدان پر هڪ ڪمزور فلاسافر“ طور بيان ڪيو. ڪولمين جي نظر ۾ نسبت جا عام ۽ خاص نظريا تمام گهڻو مجرد (abstract) هئا جيڪي بظاهر روزمره جي تجربي کان ڪٽيل نظر اچي رهيا هئا. ڪولمين آئن اسٽائن مٿان اهو الزام هنيو ته هو طبعي حقيقت کي رياضياتي نشانين سان مٽائي رهيو آهي. نسبت جي نظرين ۽ ڪئانٽم مڪينڪس – ٻنهي بابت سوويت روس ۾ هي عام تنقيد هئي، خاص طور تي اسٽالن جي دور اقتدار ۾.
هي نقطه نظر مارڪسي فلسفي مان ورتل ان گھري عقيدي جي عڪاسي ڪندڙ هو ته سائنس جي اهميت هڪ عملي سرگرمي طور، هڪ اهڙي شيءِ طور سمجهڻ ۾ آهي جيڪا مادي دنيا ۾ کُپيل هوندي آهي.
سوويت يونين ۾ سائنس کي ماڻهن جي خدمت ڪندي ڏٺو وڃڻو هو.
جوزف اسٽالن 1936 ۽ 1938 وچ ۾ وڏي دهشت (Great Terror) جي نالي سان سياسي آپريشن شروع ڪيو، جيڪو يوڪرين ۾ ڪم ڪندڙ سائسندانن تائين به ڦھلجي ويو. ڪوبه ماڻهو جنھن تي انقلاب دشمن سرگرميءَ جو ٿورو به شڪ ڪيو ٿي ويو، ان کي گرفتار ڪيو ٿي ويو، کيس گولي هنئي ٿي وئي يا کيس گلاگ اماڻيو ٿي ويو. هن عرصي دوران اٽڪل 10 لک ماڻهو قتل ڪيا ويا. ليوشبنيڪوف (Lev Shubnikov) يوڪرين ۾ ڪم ڪندڙ سائنسدان کي سندس ليباريٽريءَ تان گرفتار ڪيو ويو، کيس جيل اماڻيو ويو، هن مٿان تشدد ڪيو ويو ۽ کانئس هڪ اعترافي بيان تي صحيح ڪرائي وئي ته هو ٽراٽسڪائيٽ انقلاب دشمن گروپ جو رڪن آهي، جيڪو يوڪرين جي فزيڪو – ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي ديوارن اندر ڪم ڪري ٿو. ڪجهه مھينا جيل ۾ رهڻ کان پوءِ شبنيڪوف کي فائرنگ اسڪواڊ طرفان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
ليو لينڊائو (Lev Landau) هڪ ٻيو مشھور روسي سائنسدان هو، جيڪو يوڪرين جي فزيڪو – ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندو هو. لينڊائو کي آمريڪا جي راڪفيلر فائونڊيشن طرفان يورپ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ فيلوشپ ڏني وئي. هن کي يورپ ۾ ڪيترن ئي جڳ مشھور سائنسدانن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. برلن ۾ هو البرٽ آئن اسٽائن سان مليو، ليپزگ ۾ ورنر هيزنبرگ سان مليو ۽ ڪوپن هيگن ۾ هن نيل بوهر سان گڏ ڪم ڪيو. 1931 ۾ هو واپس روس آيو. 28 اپريل 1938 تي هن کي ماسڪو ۾ گرفتار ڪيو ويو ڇو ته هن سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪجهه سائنسدانن گهڻي قدر دٻاءَ ۾ اچي هن مٿان الزام هنيو ته هو به ان انقلاب دشمن گروپ جو رڪن آهي، جنھن جو شبنيڪوف هو. هن تي جيل ۾ تشدد ڪيو ويو. اهو جيڪڏهن هن جي دوست ۽ استاد پيٽر ڪپيزا جي مداخلت ۽ مدد نه ڪري ها ته هن کي به قتل ڪيو وڃي ها. ڪپيزا، اسٽالن کي سڌوسنئون خط لکيو، جنھن ۾ هن اهو لکيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته لينڊائو جو نقصان اسان جي اداري ۽ سوويت يونين لاءِ ۽ عالمي سائنس ٻنهي لاءِ بغير ڌيان ڇڪائڻ جي نه ويندو ۽ تمام گھري نموني محسوس ڪيو ويندو. ڪپيزا تازو ئي زائد پٽڙيائيٽ (Superfluidity) جي دريافت جو اعلان ڪري چڪو هو، جنھن تي هو ۽ لينڊائو گڏجي تحقيق ڪري رهيا هئا.
اسٽالن ڏانھن اماڻيل هن جي خط لڳي ٿو ڪم ڪري ڏيکاريو، لينڊائو کي گرفتاريءَ جي هڪ سال کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. لينڊائو ماسڪو ۾ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل پرابلمس ۾ پنھنجي تحقيق وري شروع ڪئي ۽ ٽن سالن کان پوءِ هن سپرفلوئڊٽي جي مسئلي کي حتمي طور حل ڪيو، جنھن لاءِ هن کي طبعيات جو نوبل انعام مليو.
بولشيوڪ انقلابين، سوويت يونين ۾ سائنس جي واڌاري لاءِ چڱو ڪم ڪيو، ته جيئن پھرين عالمي جنگ کان پوءِ سوويت يونين جي انٽليڪچوئل ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ سائنس کي هڪ وسيلي طور استعمال ڪري سگهجي. پر ساڳئي وقت لينڊائو ٻين ڪيترن ئي سائنسدانن وانگر شديد نظرياتي جهيڙي جي فضا ۾ ڀوڳيو. هو خوشقسمت هو جو گرفتار ٿيو پر بعد ۾ اسٽالن جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو. اهي سائنسدان جيڪي 1936 کان 1938 جي وڏي دهشت مان پار پيا، پوءِ به هڪ سايي هيٺ رهيا. خود ڪيپيزا، جيڪو 1930 ۾ سوويت سائنس جو پيارو هو، اسٽالن سان اختلافن ڪري ماسڪو جي انسٽيٽيوٽ فار فزيڪل پرابلمس مان ڊسمس ڪيو ويو (هٽايو ويو) ۽ لينڊائو، پنھنجي سموري باقي زندگي لاءِ ڳجهي پوليس (Secret Police) جي چوڪسيءَ هيٺ رهيو.
ڇا روسي حڪومت سائنسدانن خلاف ماضيءَ جي انھن غلط ڪاررواين جو نئين سر تنقيدي جائزو ورتو آهي ۽ ان جي تلافي ڪئي آهي؟ سائنسدانن کي آزاد ۽ کُليل فضا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڇو نه ٿو ڇڏيو وڃي. اڄ به چيني سائنسدانن خلاف آمريڪا طرفان چوڪسي ۽ وٺ پڪڙ جاري آهي.
اها به حقيقت آهي ته جديد سائنس جي بڻ بڻياد جي ڪھاڻيءَ ۾ غلامي، سلطنت، جنگ ۽ نظرياتي تضادن جون تاريخون به شامل آهن. سترهين صديءَ جي فلڪياتي ماهرن، غلامن وارين ٻيڙين ۾ ٻاهر سفر ڪيو، ارڙهين صديءَ جي فطرت دانن، بيٺڪيتي واپاري ڪمپنين لاءِ ڪم ڪيو، اوڻويھين صديءَ جا ارتقائي مفڪر صنعتي جنگين ۾ وڙهيا ۽ ويھين صديءَ جي جينياتي ماهرن، سموري سرد جنگ دوران نسلي سائنس کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم جاري رکيو. (هاريزنس؛ اي گلوبل هسٽري آف سائنس: جيمس پوسڪيٽ)
اقوامِ متحده کي سائنسدانن جي حقن انھن جي جسماني ۽ ذهني تحفظ جي آئيني گارنٽين جو هڪ چارٽر منظور ڪرڻ گهرجي، جنھن لاءِ هر ملڪ کي پوءِ اهو جمهوري هجي يا آپيشاهاڻو، پابند بڻايو وڃي ته اهو ان چارٽر جي پوئواري ڪندو. مڃيل سائنسي نظرين کي مخصوص سياسي نظرين جي عينڪ سان نه ڏسڻ گهرجي. روس ۽ چين ۾ لائيزنڪو ازم جي حمايت، آئن اسٽائن جي نظرين جي مخالفت مينڊيليف جي جينيات متعلق نظرئي خلاف نظرياتي پروپئگنڊا، اهڙي تعصبي ۽ غيرسائنسي روش جا مثال آهن.
سائنسي نظريا، سياسي نه ٿيندا آهن، اهو سياسي پارٽين کي سمجهڻ گهرجي.
سائنسدان هاڻي پاڻ کي نئين سرد جنگ جي محاذ تي موجود ڏسن ٿا. اڄڪلهه سائنسدانن جي ”نسلي درجه بندي“ (Racial Profiling) ڪئي وڃي ٿي، جنھن مطابق ايف بي آءِ طرفان چيني سائنسدانن کي جاچ لاءِ نشانو بڻايو وڃي ٿو. چين ۾ يئي گهر (Uyghur) سائنسدان گذريل ڪجهه سالن کان غائب ٿي ويا آهن. ترڪي ۾ صدر طيب اردگان تي تنقيد ڪندڙ ڪيترن ئي سائنسدانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ به صورتحال ساڳي آهي. سوڊان ۾ منتصر ابراهيم هڪ جينياتي ماهر سائنسدان کي گرفتار ڪيو ويو. برازيل ۾ ڪيترا ئي موسمياتي ماهر سائنسدان پنھنجا نالا لڪائي مقالا ڇپائي رهيا آهن ڇو ته هو ساڄي ڌر جي صدر جيئربولسونارو طرفان خطرو محسوس ڪن ٿا، جنھن سائنس جي بجيٽ کي منجمند ڪري ڇڏيو آهي.