ڪنڌڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ بدامني، ڀتاخوري، دھشتگردي، بدمعاشي خلاف امن امان جي بحالي لاءِ آل پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد پاران شروع ڪيل تحريڪ کي مهينو مڪمل ٿي ويو، گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ايس يو پي صدر سيد زين شاھه، شھري اتحاد جي صدر ڊاڪٽر ميھر چند، صرافا يونين جي صدر حاجي حضور بخش مغل، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، والي ڏنو سنڌي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪامريڊ عباس، شاھنواز مرھٽو، ڇوٽو خان جکراڻي، اشوڪ ڪمار، عزيز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امن مارچ ڪيو ويو، پريس ڪلب چوڪ تي ريلي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي جنهن کي خطاب ڪندي سيد زين شاھه چيو ته ڪنڌ ڪوٽ ضلعو ڏوھارين جو ڳڙهھ بڻجي ويو آهي ڏوھاري راڄ خلاف شھر واسي ڀرپور احتجاج ڪري رھيا آهن دير سان انھي ڪري پھتو آھيان ته سنڌو ندي تي سنڌ دشمن ڪينال ٺاھڻ جي سازش ڪري رھيا آهن انھي ڪري ھن مھيني کان رابطا مھم جي حوالي سان سنڌ ۾ نڪتل آهيون، سنڌ جا چونڊيل نمائندا سنڌ جي دشمنن سان مليل آهن، سنڌ ۽ سنڌو درياهه لاءِ ڪجھه نه ڪري سگھيا آهن سنڌ دشمن منصوبا ڪڏھن قبول ڪيا آهن نه ڪنداسين، امن امان جي بحالي لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ شامل ڌرين کي جس ھجي جڏھن به ڪنڌ ڪوٽ واسي ياد ڪن سندس گڏ ھوندس، پوليس پاران سنڌي ھندون کي تنگ ڪرڻ بند ڪيو وڃي.