خيرپور ۾ 3 ڄڻا عدالت جي در تي گوليون هڻي قتل، لاش رکي ڌرڻو

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ ڪالهه جمعي ڏهاڙي صبح جو سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ قائم انيڪسي بلڊنگ اندر قائم ائنٽي ٽيررزم ڪورٽ (اي ٽي سي) ۾ حاضري تي ايندڙ تعلقو ڪوٽڏيجي  جي ڳوٺ لياري جي رهواسين حاڪم ڪانڌڙو، شڪيل ڪانڌڙو ۽ برڪت علي ڪانڌڙو مٿان عدالتي گيٽ ٻاهران جوابدارن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو جان بچائي ڪورٽ جي گيٽ ڪراس ڪري اندر پهتو، جتي پڻ جوابدارن پوليس جي سامهون کيس فائرنگ ڪري قتل ڪري آساني سان گيٽ ٻاهران فرار ٿي ويا ۽ چونڪ وٽ پهچي هوائي فائرنگ ڪندي ڏهڪاءُ پکيڙي آساني سان فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻئي طرف وارثن مقتولن جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ  امير علي، مختيار، فھد ڪانڌڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حاضري تي آيل ٽنھي جوانن کي هٿياربندن سيشن ڪورٽ جي گيٽ تي گولين هڻي قتل ڪيو آهي . ھنن چيو ته افسوس آهي جو پوليس جي سامھون اسان جي ماڻھن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو پر پوليس سامھون بيٺي تماشو ڏسي رهي ۽ جوابدار آساني سان فرار به ٿي ويا، ھنن چيو ته پوليس ڪورٽ ۾ به عوام جو تحفظ ڪونه ٿي ڪري سگھي ۽ عدالت جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي، ھنن چيو ته جيسيتائين جوابدارن کي گرفتار ۽ سندن مٿان دھشتگردي ڪيس داخل نه ٿيندو ڌرڻو جاري رهندو، جڏهن ته  ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.