26هين آئيني ترميم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  26هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪندي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي  آهي، درخواست ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ کي عدالتي معاملن تي تجويزون ڏيڻ جو اختيار ناهي،   ترميم منظور ڪري عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته آئيني ترميم جي شق 8، 11 ۽ 14 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

  1. ٽرمپ ڪملا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، ڪاميابي جا امڪان

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، ٻئي طرف آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي  ڪاميابي جا امڪان وڌي ويا آهن، برطانوي ميگزين ”دي اڪانومسٽ“ موجب ٻن مهينن ۾ پهريون ڀيرو ريپبلڪن صدارتي اميدوار جي حمايت وڌي وئي آهي.پولز موجب آگسٽ تائين ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس کي غير جانبدار ۽ ٿرڊ پارٽي ووٽرن سبب برتري حاصل هئي ۽ هاڻي ريپبلڪن وارا ووٽر ٽرمپ جي پويان بيهي رهيا آهن، جنهن سان ٽرمپ جي فتح جا امڪان 8 سيڪڙو تائين وڌي ويا آهن، نون رياستن ٽيڪساس، فلوريڊا، سائوٿ ڪيرولينا، الاسڪا، آرڪنساس، ڪولوراڊو، ڪنيڪٽيڪٽ، آئيڊاهو ۽ اتر ڊڪوٽا ۾ وقت کان ووٽنگ ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.