اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ترميم جي منظوري واري رات قومي اسيمبلي ۾ اسان جي 5 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پريس گيلري وٽ لڪائي رکيو ويو،باقي ميمبرن کي به ائين رکيو ويو،اختر مينگل جي ٻن سينيٽرن کي جهڙي طريقي سان ايوان ۾ آندو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته اسپيڪر صاحب توهان ايوان جا ڪسٽوڊين آهيو،توهان کي ميمبرن جي حفاظت ۽ تقدس جو خيال رکڻو آهي،مون ڪجهه سوال سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايا هئا،اڃا تائين منهنجا سوال سامهون نه آيا آهن، ان تي اسپيڪر چيو ته مان چيڪ ڪري ٻڌائيندس، عمرايوب چيو ته 26هين ترميم جي موقعي تي هتي انٽيليجنس ايجنسين جا ماڻهو سيڪيورٽي جي وردين ۾ آيا، توهان هتي ڪئميرائون چيڪ ڪريو،مان غلط بياني نٿو ڪريان،ن ليگ جي حنيف عباسي چيو ته آئيني ترميم تي پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ عمران خان جي ڳالهين کي پٺتي رکي پهريون ڀيرو دانشمندي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران فلور تي بيهي اهڙيون ڪهاڻيون بڻايون وڃن ٿيون ته الف ليليٰ جا داستان به پوئتي رهجي ويندا آهن،کين اها روش ختم ڪرڻي پوندي، انهن جا ڪجهه ميمبر نٿيا گلي، ڪجهه سي ايم هائوس ۽ ڪي پي ۾ موجود هئا اها هڪ جماعت ناهي رهي، انهن جا سمورا ماڻهو سمجهوتا ڪري چڪا آهن، هن چيو ته ويگوا ڊلا،مارشل لا کي متعارف ڪرائيندڙ ۽ فاطمه جناح کي غدار قرار ڏيندڙ ماڻهو ادارا،فوج ۽ ججن تي حملي آور آهن، جڏهن اهڙا ماڻهو اسان کي جمهوري روايتن جو درس ڏين ٿا ته اسان جو رت ٽهڪي ٿو