لنڊن(م ڊ) ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين جي مالڪ برطانوي ارب پتي عمران خان جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو آهي. رچرڊ برانسن هڪ طاقتور پيغام سان گڏ پنهنجي ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) اڪائونٽ تي عمران خان سان گڏ هڪ پراڻي تصوير شيئر ڪئي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هي ڪرڪيٽ بابت ناهي، پاڪستاني اختيارين کي فوري طور تي عمران خان کي آزاد ڪرڻ گهرجي. سندس ناحق گرفتاري سان پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي تي ڪارا بادل ڇانيل آهن. پنهنجي پوسٽ سان گڏ رچرڊ برانسن مشهور ميگزين ”ٽائم“ جو هڪ آرٽيڪل به شيئر ڪيو جنهن ۾ عمران خان جي صحت، اتي موجود ناقص سهولتن ۽ اڊيالا جيل ۾ سندس اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ جي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ياد رهي ته رچرڊ برانسن جي ايڪس تي 12 ملين کان وڌيڪ فالورز آهن ۽ عمران خان بابت سندس پوسٽ کي 1 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.
-
اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران هڪ ئي وقت ٽن طلاقن تي سزا جي سفارش
اسلام آباد(م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽي طلاق کي هڪ ئي وقت سزا جوڳو عمل بڻايو وڃي. چيئرمين ڊاڪٽر محمد راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڏاج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سزا 6 مهينن کان وڌائي هڪ سال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جڏهن ته شاديءَ جو خرچ 2500 رپين مان وڌائي 2 تولا سون ڪيو ويو، ڏاج جي قيمت به 2 تولا سون برابر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران اسلامي نظرياتي ڪائونسل وفاقي حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته هڪ ئي وقت ٽي طلاقون ڏيڻ واري عمل کي سزا جوڳو بڻايو وڃي. ڪائونسل فيصلو ڪيو ته جيئن ته ان موضوع تي هڪ مسودو ڪائونسل پاران اڳ ۾ ئي تيار ڪيو ويو آهي، اهو مسودو حڪومت ڏانهن موڪليو وڃي.