شهدادڪوٽ ڀرسان ڀاءُ هٿان ڪارنهن الزام ۾ ڀيڻ قتل

شھدادڪوٽ (ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ڀرسان سنجر  ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش بروهي ۾ ڀاءُ پنهنجي نوجوان ڀيڻ کي مبينا ڪارنهن جي الزام هيٺ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو ،اطلاع ملڻ تي سنجر ڀٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي شهدادڪوٽ تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو،پوليس موجب جوابدار قادر بخش بروهي پنهنجي 19ورهين جي ڀيڻ صاحبا خاتون کي ڪارنهن جي الزام هيٺ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.